مولا بخش ڀٽو

مولا بخش ڀٽو : صحافي ۽ سماجي اڳواڻ مولا بخش ڀٽو 4 نومبر 1948ع تي ڳوٺ باغ ڀٽو تعلقي پني عاقل ۾ ڄائو. پيپلز پارٽيءَ جي شاگرد ونگ جو ڪارڪن رهيو. قومي مسئلن تي سرگرم رهيو. لسٽون سنڌي ۾ ٺاهيو تحريڪ، بهاري نه کپن تحريڪ وغيره ۾ ڀرپور حصو ورتائين. بعد ۾ سکر ۾ اچي آباد ٿيو، جتي صحافت ۾ پاڻ مڃايائين. هڪ رسالو ’پريت‘ جاري ڪيائين، جنهن ۾ سياسي، سماجي ۽ ادبي مواد شايع ڪندو هو. 13 اپريل 2002ع تي وفات ڪيائين


لفظ مولا بخش ڀٽوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو